ڪڙيوگهنور (ن پ ا)   ڪڙيوگهنور  لڳ ڳوٺ محمد موسي واڍو جي رهواسي  الهجڙيو  خاصخيلي  جو 12 سالن جو پٽ ضمير خاصخيلي  هڪ هفتو اڳ گهران نڪري ڪڙيوگهنور  شھر  آيو هو ۽ بعد ۾ واپس گهر موٽي ناهي سگهيو  ، جنهن بعد وارثن پاران ڪافي ڳولا بعد به نينگر هٿ نه اچي سگهيو، ان بعد نينگر جي وارثن ڪڙيوگهنور  ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي هئي مگر نينگر اڃا تائين هٿ اچي ناهي سگهيو ان ڏس ۾ نينگر جي ناني جمعون خاصخيلي ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ نينگر کي اسان ڪڙيوگهنور  سامان  لاءِ موڪليو هو ، مگر هو شام تائين واپس گهر موٽي نه اچي سگهيو هو  ، ان بعد اسان ڪافي  ڳولا ڪئي ۽ ڪڙيوگهنور ٿاڻي تي رپوٽ به داخل ڪرائي مگر اڃا تائين  نينگر هٿ نه اچي سگهيو آھي، اسان کي شڪ آھي ته ڪٿي نينگر کي اغوا ڪري گم نه ڪيو ويو هجي ، اسان غريب آھيون اسان کي پنهنجو نينگر واپس ڪرائي ڏنو وڃي ، اسان ايس ايس پي بدين، آء جي سنڌ ،وزيراعلي سنڌ ۽ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي پنهنجو نينگر موٽرائي اسان سان انصاف ڪيو ويو.