حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪوٽڙي ۽ هالاناڪي جي رهواسين پوليس جي ناانصافين  خلاف ڌار ڌار احتجاج ڪيو. ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي ٻٻر اسٽاپ جي رهواسين منٺار چانڊيو، رياض، نصرت، حسنا چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو ته بااثر ماڻهن عزيز الله مغيري ۽ برڪت مغيري جي چرچ تي پوليس سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. پوليس علي خان چانڊيو ۽ منٺار چانڊيو خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. قمبر پوليس علي خان کي گهران گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. خدشو آهي ته پوليس مبينا مقابلي ۾ کنڀي گم ڪيل کي هاف يا فل فراءِ نه ڪري. هالاناڪي جي رهواسڻ سهڻي زال رستم مهر پنهنجي پٽ عبدالخالق مهر جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته سندس پٽ عبدالخالق مهر سول اسپتال ٻاهران چانهه جو اسٽال هلائيندو آهي جنهن کي مارڪيٽ پوليس بااثر شخص جي چرچ تي گرفتار ڪري نسيم نگر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. متاثر عورت موجب ته سندس پٽ جي حياتي کي خطرو آهي ڇاڪاڻ ته پوليس بيگناهه کيس فل يا هاف فراءِ ڪندي. مظاهرين آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي کان مطالبو ڪيو ته سندن معاملن جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.