ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي ڀرسان پهاڙي علائقي ۾ ميٽ کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت ڇِپ ڪرڻ سبب دٻجي فوت  ٿي ويو. خبر موجب ڪوٽڏيجي جي پهاڙي  علائقي اڌم سلطان ڀرسان ڳوٺ راڄپاري واسي پورهيت انور علي ڪٻر ميٽ جي کاڻ ۾ ڪم ڪرڻ دوران اوچتو ڇِپ ڪِرڻ سبب دٻجي شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.  فوتي پورهيت جو لاش گھر  پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو. واضح هجي ته ڪوٽڏيجيءَ ۾ ميٽ جي کاڻ وارين پهاڙين تي ڪم ڪندڙ پورهيتن سان پهريان به ڪيترائي حادثا پيش اچي چڪا آهن ۽ ڪيترن ئي پورھيتن جون قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن  پر سرڪار طرفان پورهيتن جي ڪابه واهر نه ٿي سگهي آھي.