ڪڙيو گهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور جي مختلف واهن امام واھ، نئون واھ، جاڙڪي شاخ جي آبادگارن ۽ ھارين پاران پاڻي کوٽ خلاف جوڻا اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  غلام حيدر شاھ، سيد سلمان شاھ،  دادن خان نظاماڻي، ظهير چانڊيو ،حسام نظاماڻي ،غلام محمد نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته  پاڻي جي هٿرادو کوٽ  ڪري آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، حڪمرانن برسات جو جواز ڄاڻائي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي ڏنو وڃي.