نوابشاهه/سڪرنڊ (نمائندن وٽان) سڪرنڊ شهر جي حسين آباد ڪالوني ۾ ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽي ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽي مان گذرندڙ 3 ٻارڙا 12 سالا ديپڪ، 11 سالا رتن جنڊاوڙو، 15 سالا ساگر جنڊاوڙو سڙي سخت زخمي ٿي پيا،  جن کي فوري طور نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو پر برنس وارڊ نه هئڻ ڪري کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، حسين آباد ڪالوني واسين ۽ شهرين پ پ ڪائونسلر جاويد سومرو، احسان شاهه، مجيد عباسي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته واپڊا جي نااهلي سبب ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڪري ڦاٽو آهي، جنهن ۾ معصوم ٻارڙا سڙي زخمي ٿيا، هوڏانهن واقعي جو سيڪريٽري پاور ڊويزن نوٽيس وٺندي حيسڪو چيف کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏھن حيسڪو چيف ايس ڊي او سڪرنڊ راجا ڳاھو کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو آهي،