ڪڍڻ ( ن پ ا ) ڪڍڻ جي اسڪول کي عمارت نه ملي آهي ۽ ٻار 19 سالن کان ڇپر هيٺ پڙهي رهيا آهن. ان ڏس ۾ تعليم کاتي جي نااهلي سبب ڪڍڻ ڀرسان يونين ڪائونسل ٻهڊمي جي ڳوٺ ولي محمد جمالي ۾ 19 سالن کان هلندڙ پرائمري اسڪول  کي اڃان تائين پڪي عمارت نه ملي سگهي آهي، جڏهن ته تازين برساتن سبب ڳوٺاڻن طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺاهيل ڪچي جهوپڙي جي ڇت ۽ ڀتيون پڻ ڪري پيون آهن جنهن ڪري اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ 50 جي لڳ ڀڳ معصوم ٻار ۽ نياڻيون کلي آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته گرمي ۽ برسات جي موسم ۾ سندن تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي دفعا تعليم کاتي جي اختيارين کي درخواستون ڏنيون آهن پر اڃان تائين ڪوبه کڙتيل ناهي نڪتو. عمارت نه هجڻ سبب اسان جي ٻچڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي پڪي عمارت ڏئي مستقبل جي معمارن جو مستقبل بچائي اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.