اليڪشن ڪميشن جي فيصلي مان ثابت ٿيو ته سڀ کان وڏو چور عمران خان آھي: شاھد خاقان عباسي

0
133
اليڪشن ڪميشن جي فيصلي

ڪراچي: نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي مان ثابت ٿيو ته سڀ کان وڏو چور عمران خان ۽ سڀ کان وڏي چور پارٽي پي ٽي آءِ آهي، فيصلي کانپوءِ قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو

شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان کي فنڊنگ ڪندڙن ۾ ڀارتي ۽ اسرائيلي شهري به شامل آهن، پي ٽي آءِ جي ملازمن جي اڪائونٽس ۾ به پئسا منتقل ٿيا، پرڏيهي ڪمپنيز ۽ شخصيتن کان پئسا وٺي هتي سياست ڪئي وئي

شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان پنج سالن تائين ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرائيندو رهيو، 34 شخصيتن ۽ ڪمپنيز پي ٽي آءِ کي ڏيڍ سئو ڪروڙ رُپيا اُماڻيسنڌ جي اطلاعات واري

ٻئي پاسي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس ساٿين جي شديد دٻاءُ باوجود اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون پٽاندڙ فيصلو ڏنو، ثابت ٿي ويو ته عمران خان قوم کي دوکو ڏنو آهي

شرجيل ميمڻ موجب عمران خان کي صادق ۽ امين جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ڏنا  ويا، پر سچ کي لڪائي نٿو سگهجي، اليڪشن ڪميشن عمران خان جي حلفي بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي، هاڻي کيس فوري نااهل قرار ڏنو وڃي

ھي به پڙھندا

پرڏيھي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو: اڪبر ايس بابر جو عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو