پشاور(م ڊ) ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير لاءِ اعظم خان جي نالي تي اتفاق ٿي ويو، . اسپيڪر هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾  اپوزيشن ليڊر اڪرم خان دراني وڏي وزير محمود خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ به موجود هئا. اجلاس ۾ اعظم خان کي نگران وڏووزير بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس بعد وڏي وزير محمود خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي ليڊر عمران خان جي صلاح سان اعظم خان جي نالي تي اتفاق ڪيو آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گڏيل راءِ سان نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر اڪرم خان دراني چيو ته نگران وڏي وزير لاءِ اسان جو گڏيل اميدوار اعظم خان آهي اسان اهڙي شخص جي چونڊ ڪئي آهي جيڪو سڀني کي قبول آهي. نگران وڏي وزير جو فيصلو نه ڪريون ها ته ماڻهو سمجهن ها ته هي اڃا به ضد تي آهن. ياد رهي ته اعظم خان ڪي پي جو چيف سيڪريٽري ۽ وفاق ۾ به اهم عهدن تي رهيو آهي. هن لنڪنز ان لنڊن مان بيرسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اعظم خان جو نالو اپوزيشن پاران ڏنو ويو هو.