ڪي پي ايل ۾ رنسن جا ڍير: ڪوٽلي جو 195 جو هدف به ناڪافي، 5 وڪيٽن تان شڪست

0
209

مظفرآباد(م ڊ) ڪشمير پريميئر ليگ جي اهم ميچ ۾ مظفرآباد ٽائيگرز ڪوٽلي لائنز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪوٽلي لائنز پهرين بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 195 رنسون ٺاهيون. آصف علي 67، سيد عبدالله رافع 35. سيف بدر 28 ۽ ڪپتان ڪامران اڪمل 27 رنسون ٺاهيون، سهيل تنوير، ارشد اقبال، محمد حفيظ ۽ عثمان يوسف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. وڏي هدف جو پيڇو ڪندي مظفرآباد ٽائيگرز ذيشان اشرف اڪيلي سر ئي مخالف بالرن جو مقابلو ڪيو ۽ 107 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ٽيم کي 5 وڪيٽن تان ڪاميابي ڏياري. ٽائيگرز جا ٻيا بيٽسمين ڄمي مقابلو ڪري نه سگهيا. رڳو محمد وسيم 19 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ڪوٽلي جي عاڪف جاويد 2 وڪيٽون ورتيون، خرم شهزاد ۽ عرفان الله شاهه هڪ هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو. ذيشان اشرف يک مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.