پيرڳوٺ واسي نوجوان ڪراچي ۾ قتل

0
246
ڪراچي: پوليس مقابلو

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ واسي نوجوان ڪراچي ۾ قتل، اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ باگو ڦلپوٽو جو رهواسي نوجوان 25 ورهين جو معصوم پٽ نازل ڦلپوٽو ڪراچي جي ڊبليو 25 واري علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نوجوان جي اهڙي قتل واقعي سبب سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي. سندس وارث نوجوان جو لاش وصول ڪرڻ ڪراچي ويل آهن. ان ڏس ۾ مقتول معصوم جي ڀاء عبدالرشید ڦلپوٽو جي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سندس ڀاء 3 سالن کان ڪراچي ۾ فئڪٽري تي مزدوري ڪندو هو. رات دير سان فئڪٽري تان واپس اچي رهيو هو ته کيس نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري وڏو ناحق ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي..