راولپنڊي(م ڊ) اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي ديردوني ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. سيڪيورٽي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪندي 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ 2 کي زخمي ڪيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ حوالدار سليم خان، نائيڪ جاويد اقبال، سپاهي نذير خان، حضرت بلال، سيد رجب حسين ۽ بسم الله جان شامل آهن. ٻئي طرف ڏکڻ وزيرستان ۾ ويڙهه ۾ 3 جوان شهيد ٿي ويا، اتروزيرستان جي علائقي گڙيوم ۾ حملي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا، ڊي جي خان ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿيو، جڏهن ته تربت بلوچستان ۾ ايم آءِ جي آفيس تي دستي بم سان حملو ڪري آفيس تباهه ڪئي وئي. صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف حملي جي مذمت ڪئي آهي.