نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) هندو انتهاپسندن پاڪستان خلاف ميچ ۾ محمد آصف جي ڪيچ ڊراپ ڪرڻ تي ڀارتي فاسٽ بالر ارشديپ سنگهه کي ولين قرار ڏئي ڇڏيو.ڀارتي سوشل ميڊيا تي ارشديپ سنگهه کي بدترين تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو ويو. هندو انتهاپسند واهپيدارن ارشديپ تي ڄاڻي واڻي ڪيچ ڇڏڻ جو الزام لڳائيندي هن کي ولين قرار ڏنو. پاڪستان ٽيم جي اڳوڻن ڪپتانن وسيم اڪرم ۽ محمد حفيظ ارشديپ سنگهه جي حمايت ڪئي آهي. وسيم اڪرم چيو ته ارشديپ هڪ سٺو رانديگر آهي ڪيچ ڇڏڻ سان اهو خراب رانديگر نه بڻجي ويندو پر وڌيڪ بهتر ٿي واپس ايندو. هوڏانهن محمد حفيظ چيو ته راند ۾ غلطيون ٿي وينديون آهن، ڀارتي شوقينن کي درخواست آهي ته ڪنهن جي تذليل نه ڪن. اڳوڻن ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه چيو ته نوجوان رانديگر ارشديپ تي تنقيد ڪرڻ بند ڪيو، ڪير به ڄاڻي واڻي ڪيچ ناهي ڇڏيندو، پاڪستان بهتر کيڏيو. گوتم گمڀير چيو ته ارشديپ هڪ نوجوان رانديگر آهي ۽ اهڙيون شيون ٿي وينديون آهن، اوهان ڪيرايل ڪيچ تي ايتري تنقيد نه ڪيو. روي شاستري چيو ته اهو پنهنجي غلطي کانپوءِ هڪ بهتر رانديگر ٿي ويندو ڇو ته اهو فوري سکڻ وارو ڇوڪرو آهي.