دبئي(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ ڀارت خلاف ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ محمد نواز چيو آهي ته ڪپتان بابراعظم ٽيم لاءِ ريڙهه جي هڏي آهي. ڀارت خلاف دلچسپ مقابلي کانپوءِ دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد نواز چيو ته بابراعظم ٽيم جي ريڙهه جي هڏي آهي، جڏهن بيٽنگ تي وڃان پيو ته ڪپتقان چيو هو ته ليگ اسپنرن کي تيز کيڏڻو آهي. هن چيو ته ڀارت خلاف پهرين ميچ ڪافي ڪلوز رهي، اسان جو فوڪس ڪاميابي تي آهي، اسان هن تي عمل ڪندا رهنداسين، هن چيو ته مان سوچي رکيو هو ته جيڪو بال ملندو ان تي هٽ هڻندس، پريشر ۾ کيڏڻ سان مونکي گهڻو فائدو ٿيو آهي،

محمد رضوان سان ڊسڪس ڪيو هو ته ميچ آخر تائين کڻي هلڻي آهي. هن چيو ته بولنگ دوران ڪوشش ڪندو آهيان ته شروع جي اوورن ۾ بال کي ٽرن ڪريان ۽ لائن ۽ لينٿ تي بال رکان. هوڏانهن محمد نواز پليئر آف دي ميچ سان گڏ تصوير شيئر ڪندي ٽوئٽ ۾ لکيو ته ٽيم جي ڪاميابي ۾ حصو وجهڻ تي فخر آهي.