ڪيستائين چونڊون اڳتي ڪري جمهوريت قربان ڪندا رهندا، دير سان ناڪاري قوتون حرڪت ۾ اچي وينديون: چيف جسٽس

0
243
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته ڪيستائين چونڊون اڳتي ڪري جمهوريت قربان ڪندا رهنداسين، دير سان ناڪاري قوتون حرڪت ۾ اچي وينديون، تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا جمهوريت قربان ڪئي وئي

سُپريم ڪورٽ ۾ چونڊن خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته جڏهن به جمهوريت جي قرباني ڏني وئي ته ڪيترائي سال نتيجا ڀوڳڻا پيا، عوام کي پنهنجي راءِ جي اظهار جو موقعو ملڻ گهرجي

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته  اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ رڳو وسيلا نه هجڻ جو ذڪر ٿيل آهي، اليڪشن ڪميشن ڪڏهن چوندي ته بس! هاڻي گهڻو ٿيو

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته چونڊون هر صورت ۾ ڪرايون وينديون، اي سي پي رڳو سياسي ڳالهيون ڪري رهي آهي، اسان آئين جا محافظ آهيون ۽ اُن جو دفاع ڪنداسين

سُپريم ڪورٽ ۾ چونڊن خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي 9 مئي تي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو

 چيف جسٽس پُڇاڻو ڪيو ته هڪ ڏينهن ۾ چونڊن سان آئين جي ڪهڙي شق بي اثر ٿيندي؟ ليڊر آف هائوس کي اسيمبلي ٽوڙڻ کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ نظام سگهارو هجي ته شايد سموريون چونڊون الڳ الڳ ممڪن هجن، في الحال ته اوندهه ۾ سفر ڪري رهيا آهيون، جنهن جي ڪابه منزل نظر نٿي اچي

 اي سي پي جَي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سياسي ماحول کي نظر ۾ رکندي 8 آڪٽوبر جي تاريخ ڏني هئي، 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن بابت خدشن جو اظهار ڪري چڪا هئاسين

جسٽس منيب اختر وڪيل کي 9 مئي جي واقعن تي ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي، جيڪو توهان کي سُٽ ڪري، اُهو موقف اختيار ڪريو

هي به پڙهندا

عمران خان جو 9 مئي واقعن جي جڊيشل انڪوائري لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو