نوابشاهه (بيورو رپورٽ) ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته هڪ ڌڙو ان خوش فهمي ۾ آهي ته ملڪ ٽنٽندو ته اسان پروٽوڪول ۾ هلنداسين، ٻيو ڌڙو ان خوش فهمي ۾ آهي ته ملڪ ٽٽو ته اسان جي ابن ڏاڏن جون تصويرون سڪن تي لڳنديون، پر اهڙي صورتحال ناهي، ملڪ هن وقت معاشي بحران ۾ آهي، ملڪ ماڻهو نه ٽوڙيندا پر جن ملڪ جوڙيو آهي اهي ئي ٽوڙي سگهن ٿا، جن بنگلاديش کي الڳ ڪيو، ملڪ کي نقصان جاگيردارن پهچايو آهي، جاگيردار يحيٰ جو هجي، ايوب جو هجي، ضياءَ جو هجي، مشرف جو هجي يا عمران جو هجي جاگيردار جاگيردار ئي هوندو آهي، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 15 سالن کان قابض زرداري ليگ سنڌ جي غريب مسڪينن کي پيڙهي ڇڏيو آهي، اهڙي ظلم خلاف اسان کي للڪار بڻجڻو آهي، اسان هڪ سياسي پارٽي للڪار آهيون، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پليجي ۽ نظير عباسي جهڙا باشعور نوجوانن ۽ ڪارڪنن کي گڏ ڪري نئون اتحاد جوڙيو، هن چيو ته پ پ کي ايم ڪيو ايم جي آدمشماري وڌائي 3 ڪروڙ کان مٿي ڏيکارڻي آهي، اسان هن آدمشماري کي رد ڪيون ٿا، پر سنڌي ماڻهو احتجاج طور پاڻ کي ڳڻپ ضرور ڪرائين.