ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري صنعتڪار ۽ هوٽل مالڪ بهرام ڊي آواري جي ياد ۾ ڪامن ويلٿ پيپلز فرينڊشپ ايسوسيئيشن سي پي ايف اي پاڪستان پاران تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ تنظيم جي اڳواڻ پرديپ ڪمار باشاڻي، سينيٽر نثار احمد کهڙو، بيرسٽر انور منصور، بيرسٽر شاهده جميل، سيد مسرور علي، شاهد محي الدين، وڏي وزير جي خاص مددگار آصف خان، نئين چونڊيل يوسي وائس چيئرمين ۽ صحافي امين خاصخيلي، فدا حسين ڪاڪا، ڪوي شنڪر، محمد علي منگي، سڪندر، محمد علي ڀنڊ ۽ بين شرڪت ڪئي. بهرام آواري کي سندس خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته بهرام آواري جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن غريبن جي مدد ڪئي ۽ راندين کي هٿي وٺرائي.