ڪوڪ اسٽوڊيو ڌُن چوري ڪئي، پئسا نه ڪريڊٽ کپي: نرملا ميگهاڻي جون ٽائيم نيوز سان ڳالهيون

0
863

عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ سنڌي سنگر ۽ موسيقار نرملا ميگهاڻي ملڪ جي ناليواري ڪمرشل ميوزڪ ڪمپني ڪوڪ اسٽوڊيو تي الزام هنيو آهي ته سيزن 14 لاءِ اسٽوڊيو پاران “جهوم” جي عنوان سان جيڪو گيت رليز ڪيو ويو آهي، اهو هن جي چوري ڪيل ڌُن تي ٻڌل آهي. رليز ٿيڻ شرط مقبول ٿي ويل گيت “ڌوم” مقبول ٿي ويو آهي، اهو گيت راڳ جي راڻي عابده پروين ۽ نصيبو لال جي ڊوئٽ آواز ۾ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي

نرملا ميگهاڻي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته جهوم گيت جي اها ڌُن 7 مهينا اڳ 10 جون تي هن ڪوڪ اسٽوڊيو جي پروڊيوسر ذوالفي ڏانهن اماڻي هئي ۽ اها خواهش ظاهر ڪئي هئي ته هوءَ ساڻن گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. نرملا چيو ته ذوالفي پاران کيس ڪو به جواب نه ڏنو ويو ۽ جڏهن “جهوم” گيت رليز ٿيو ته هن ٻيهر ساڻن رابطو ڪري کين چيو ته هيءَ سندس ڌن آهي. نرملا چيو ته ذوالفي چوي ٿو ته هن منهنجي ڌن ڊائون لوڊ ئي نه ڪئي هئي

نرملا ميگهاڻي چيو ته مون کي پئسا نه پر ڪريڊٽ کپي، ڇاڪاڻ ته اها منهنجي ڌن آهي، هن چيو ته ڪوڪ اسٽوڊيو خلاف عدالت وڃي رهي آهيان

ٽائيم نيوز جي پروگرام ٽاپ اسٽوري ۾ ڳالهين دوران اينڪر جي درخواست تي نرملا ميگهاڻي پنهنجو اهو گيت جهونگاري به ٻڌايو، جنهن جي ڌن هن جي خيال ۾ ڪوڪ اسٽوڊيو وارن چوري ڪري ان تي “جهوم” گيت رليز ڪيو آهي

ڪوڪ اسٽوڊيو پاڪستان ۽ پروڊيوسر ذوالفي هڪ پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته نرملا کين جون ۾ اها ڌن اماڻي هئي، جيڪا ڊائون لوڊ ئي نه ڪئي وئي هئي، جڏهن ته “جهوم” گيت تي ڪم مهينو اڳ مئي ۾ ئي شروع ڪيو ويو هو ۽ اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته “جهوم” گيت لاءِ نرملا جي ڌُن استعمال نه ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي نرملا به بااعتماد نظر اچي رهي آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته وٽس اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ثبوت به موجود آهن ته “جهوم” گيت لاءِ سندس ڌن ئي استعمال ڪئي وئي آهي