ڄامشورو(رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ پاران بورڊ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان جديد لائبريري جي پيڙه جو پٿر رکيو ويو،  سنڌي ادبي  بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو ته جديد لائبريري جو انعقاد ڪرڻ لاء شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان ڪرڻ منهنجو خواب هو جيڪو مون پيڙهه جو پٿر رکي ساڀيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن پنهنجي 51 سالن جي مختصر زندگيءَ ۾ جيتري مقبوليت ۽ شُهرت ماڻي ايتري مقبوليت شايد ئي دنيا جي ڪنهن ليڊر کي نصيب ٿي هجي، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي  جو سنڌي ادبي بورڊ سان پراڻو تعلق هو جنهن پنهنجي دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي ان دور جي چيئرمين مخدوم طالب الموليٰ سائين کي پريس لاءِ جديد نيون مشينون ٻاهرين ملڪ مان گهرائي ڏني. ھن جو چوڻ هو ته بورڊ جي مهاڳي آڏو پيل زمين تي جديد ڪمپيوٽرائيزڊ لائبريري ٺاهڻ سان اديبن، دانشورن ليکڪن ۽ ريسرچ اسڪالرن ۽ نوجوانن لاءِ راهه هموار ٿيندي.