ڪراچي: وي سي تي حراسان ڪرڻ جو الزام، پ پ ايم پي اي ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿي

0
217
ڪراچي: وي سي تي حراسان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري يونيورسٽي جي وي سي تي حراسان ڪرڻ جو الزام ھڻندڙ ايم پي اي ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿي آهي

ايڊيشنل ڊائريڪٽر  ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم کي ڪوريئر سروس ذريعي شڪايت ڪندڙ پ پ ايم پي اي شازيا سنگھار کي گذريل ڏينھن ايف آءِ اي بيان لاءِ گھرايو ھو، ڪالھ شام جو گھرائڻ باوجود شڪايت ڪندڙ ايم پي اي نه آئي ۽ نه ئي فون اٽينڊ ڪري ٿي

ايڊيشنل ڊائريڪٽر  ايف آءِ اي عمران رياض جو چوڻ آهي ته شڪايت وصول ٿيڻ کانپوءِ ان جا ثبوت ۽ بيان لازمي ھوندو آهي، ان جي بنياد تي ئي جاچ ڪندا آھيون، شڪايت ڪندڙ عورت ايم پي اي جي نه اچڻ سبب جاچ شروع ناھي ٿي  سگهي