ڌاڙيلن کي پوليس ناهي ماريو، پوليس لاش خريد ڪري ڪريڊٽ وٺندي آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
408

ڌاڙيلن کي پوليس ناهي ماريو

ڪراچي (اسٽاسف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته آءِ جي صاحب سنڌ ۾  چند ڌاڙيل توهان کان ڪنٽرول نه ٿي رهيا آهن؟، ڌاڙن ۽ چورين جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ امن امان جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر عدالت ۾ پيش ٿيو

جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو ته صوبي ۾ ماڻهو مري رهيا آهن، پوليس اهلڪار به شهيد ٿي رهيا آهن، توهان ٽن سالن کان آءِِ جي آهيو، پوليس ڪمانڊر آهيو، ڪجهه نٿا ڪري سگهو؟

جن ماڻهن کي روپوش قرار

عدالت چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ پل ٺهي رهيو آهي، اتي به ڌاڙيل پئسا گهري رهيا آهن، چيو ويو ته 4 ڌاڙيلن کي ماريو ويو، ڌاڙيلن کي پوليس ناهي ماريو، ڌاڙيلن جي هڪ گروپ کي ٻئي ڌاڙيلن جي گروپ ماريو آهي

جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو آهي ته پوليس لاش خريد ڪري پوءِ پريس ڪانفرنس ڪري ڪريڊٽ وٺندي آهي، اندر مان سڀ مليل آهن ۽ هڪ ٻئي جي حمايت ڪندا آهن، هي سڀ توهان کان ڪنٽرول ڇو نٿو ٿئي؟

معزز ججز آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي عدالتي ڪمري ۾ سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ته چوريون ۽ ڦرون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن، توهان ڇا ٿا ڪيو، عدالت جي ڇنڊ پٽڻ تي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر هٿ ٻڌي خاموش بيٺو رهيو ۽ ڪو به جواب نه ڏنو

ھي به پڙھندا

غيرقانوني عمارت جي خاتمي تائين رهواسين لاءِ رهائش جو انتظام ڪيو وڃي:سنڌ ھاءِ ڪورٽ