خيرپور: حادثي بابت ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته وين جي ٽاءِ راڊ ٽٽڻ کان پوءِ وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري مسافر ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ڪري حادثو پيش آيو، هن چيو ته ڪوچ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي خيرپور اعتراف ڪيو ته ايمبولينسز گهٽ هيون ۽ زخمي مسافرن جو انگ وڌيڪ هو جنهن ڪري ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش آيون. هن چيو ته واقعي جي انڪوائري ڪرڻ بعد حادثي جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.