خيرپور: حادثي بابت اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته حادثي کانپوءِ وين ۾ سوار ماڻهو تڙپندا رهيا، جن کي اسپتال پهچائڻ لاءِ مختلف ماڻهو ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، ايس ايس پي هائوس ۽ سول اسپتال جي انتظاميا سان مسلسل رابطا ڪندا رهيا پر ان جي باوجود ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ لاش ۽ زخمي کڻائڻ لاءِ فقط 3 ايمبولينسز موڪليون ويون، جنهن ڪري ڪجهه لاشن ۽ زخمين کي پرائيويٽ گاڏين ذريعي سول اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو، سول اسپتال خيرپور ۾ اسٽريچر موجود نه هئڻ ڪري فوتين جا لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين سردخاني جي فرش تي پيل رهيا، جنهن بعد ضروري ڪارروائي کانپوءِ ايڌيءَ جو چادرون پارائي ايڌي ۽ ٻين ايمبولينس سروسز ذريعي فوتين جا لاش انهن جي گهرن ڏانهن موڪليا ويا.