خيرپور: ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي بعد حسين آباد، ڳوٺ ڄاڃي ٻرڙا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا رهواسي وڏي انگ ۾ حادثي واري هنڌ پهچي ويا ۽ حادثي سبب تباهه ٿي ويل وين مان فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍيو. اهو پڻ ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي واري هنڌ ڪجهه ماڻهن فوتين ۽ زخمين جي کيسن مان موبائل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان پڻ ڪڍي ويا.