ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد ڊينگاڻ ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ محمد قاسم آجاڻي ۾6 سالن جو معصوم نينگر ارسلان پٽ نعيم جٽ راند ڪندي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو ڪافي ڳولا کان پوءِ لاش کي واٽر ڪورس مان ڪڍيو ويو جنھن کان پوءِ لاش کي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد آندو ويو جتي ڊاڪٽر سندس فوتگيءَ جي تصديق ڪئي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.