ڪوٽڙي  ڪبير(ن پ ا) ڪوٽڙي  ڪبير لڳ ڳوٺ الھورايو سولنگي جي رھواسڻ بيواهه عورت ٽن معذور ٻارن سان گڏ کلئي آسمان ھيٺ زندگي گذارڻ لڳي. جڏهن ته مسمات بانل سولنگي ٽائيم نيوز سان ڳالھيندي چيو ته  10 سال اڳ منهنجو پٽ خان سولنگي ڪاري ڪامڻ ۾ فوت ٿي ويو ھو جڏهن ته ان جا چار معصوم ٻچا آهن جنهن ۾ ٽي معذور آهن  جڏهن ته اسان جو ڪمائڻ وارو به ڪير ڪونهي، ھڪ معذور صبح جو گھران نڪري وڃي ٿو جيڪو ڪوٽڙي ڪبير ۽ آس پاس ۾ خيرات وٺي گھر جو خرچو ھلائي ٿو برساتن ۾ اسان جو گھر ڪري پٽ ٿي ويو آهي پر ڪنهن به اسان جي سار نه لڌي آهي. جڏهن ته حڪومت جي طرفان ٽينٽ  ترپال راشن آيو پر ڪنهن به اسان جي سار نه لڌي. جڏهن  ته اسان سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته خدا جي واسطي اسان جي مالي  مدد ڪئي وڃي جئين اسان پنهنجو گھر ٺھرائي سگھون.