ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي  جي وڪيل جو چڙيا گهر  جي راڻي  نور جهان هاٿڻ جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو، عمران عزيز ايڊووڪيٽ سيشن عدالت جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪندي چيو ته سيشن ڪورٽ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، سيشن عدالت فيصلي ۾ قانوني نقطن کي نظرانداز ڪيو آھي، اسان چاھيون ٿا ته نورجهان  جي مرڻ جي ذميوارن جي سڃاڻپ ٿئي ۽ کين سزا اچي.