نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ گڙدن جي صفائي لاءِ قائم ڊائلاسز سينٽر تباھي ڪناري پھچي ويو آھي جنھن ڪري ڊائلاسز ڪرائڻ لاءِ ايندڙ مريض سخت پريشان آھن ۽ مريضن پاران ڊائلاسز سينٽر جي انچارج تي مريضن لاءِ ايندڙ دوائون کپائڻ جو الزام پڻ ھنيو ويو آهي. ڊائلاسز سينٽر ۾ سھولتون نه ھجڻ خلاف مريضن پريس ڪلب نوشهروفيروز پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوشهروفيروز جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر علي حيدر ڪوريجو جيڪو پاڻ به گردن جو ڊائلاسز ڪرائيندڙ آھي، ٻڌايو ته ڊائلاسز سينٽر ۾ ڪابه بنيادي سھولت ميسر ناھي. جيڪي گردن جا مريض سينٽر تي اچن ٿا انھن کي ويھڻ جي جڳهه به ميسر ناھي اھي سينٽر ٻاھران اس تي بيھي پنھنجي واري اچڻ جو انتظار ڪندا رھن ٿا. مريضن کي دوائون نه ٿيون ڏنيون وڃن ۽ مريضن لاءِ ايندڙ دوائون انچارج ڊاڪٽر پنھنجي نجي او پي ڊي لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي. ھن ٻڌايو ته ڊائلاسز مشين جو فلٽر صرف ھڪ مريض جي صفائي لاءِ استعمال ڪرڻو آهي پر ھڪ فلٽر ستن مريضن تي استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪو مريضن لاءِ انتھائي خطرناڪ آھي. مريض لاءِ سينٽر ۾ واش روم جي سھولت ناھي ۽ جيڪي واش روم ٻاھر ٺاھيا ويا آھن اھي به گندگي سان ڀريل آھن. ھن چيو ته اعلي اختيارين کي شڪايتون ڪري ٿڪجي پيو آهيان پر ڪير به مريضن جي دانھن ٻڌڻ وارو ناھي. ٻئي پاسي احتجاج ۾ شامل پ پ يو سي لنڊڪي جي ڪائونسلر ٻڌايو ته ڪائونسلر آھيان، پوءِ به ڊائلاسز نه ڪيو ويو ۽ واپس ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته اسان چونڊيل نمائندن سان به اھڙي حالت آھي ته پوءِ عام مريضن سان ڇا حالت ھوندي؟ ھنن مطالبو ڪيو ته ڊائلاسز سينٽر ۾ بنيادي سھولتون فراھم ڪيون وڃن جيئن مريض پنھنجو علاج ڪرائي سگھن.