ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) مڙس شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي تشدد ڪندا ھئا ۽ ڌاريا ماڻهو گھر اندر گھرائي بدپيشو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو ھو اھڙو اظھار وڄوٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سگھروڙ جوڻيجو واسڻ ٻن سئوٽ عورتن شريمتي ھيري زال رميش ۽ شريمتي ملوڪان زال گلاب مائٽن سان گڏ مڙسن ۽ ساھرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان دانهيندي ڪيو. متاثر عورتن ٻڌايو ته سندن مڙس پاڻ ۾ سڳا ڀائر آھن جيڪي موالي قسم جا ماڻهو آھن جيڪي شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي اڪثر تشدد جو نشانو بنائڻ بعد گھر ۾ ڌاريا ماڻهو وٺي اچي بدپيشو ڪرائيندا هئا. ھنن واسطيدار اختيارين کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مڙسن ۽ ساھرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري زندگين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.