ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ اشرف جوڻيجو تي حيدرآباد پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن گل حسن شاھ، حسن شاھ زاهد شاھ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته پوليس چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد 2 ڄڻن ديدار شاھ ۽ امداد شاھ کي گرفتار ڪري وئي آهي، پوليس چڙھائي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.