سجاول (ن پ ا) سجاول جي استادن نجيب سرويچ، عبدالشڪور ملاح، محمد امين سرواڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نوان استاد 14 هين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ اسان 13 سال اڳ ڀرتي ٿيل استادن کي سيڪريٽري تعليم جي حڪم تي چوڏھين گريڊ ۾ اپگريڊ ڪيو پيو وڃي.ان سلسلي ۾ حيدرآباد ڊويزن سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جا استاد اپگريڊ ٿي چڪا آھن پر سجاول ۾ استادن جي اپگريڊيشن ڪميٽي ۾ شامل ميمبرن مان اي ڊي سي ٽو حمير قريشي، ڊي اي او پرائمري، چيف مانيٽرنگ آفيسر مان ٻن ميمبرن پاران اپگريڊيشن لسٽ تي صحيحون ڪرڻ باوجود اي ڊي سي ٽو اسان جي اپگريڊيشن  لسٽ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري اسان سان ناانصافي ڪري رهيو آهي.هنن ڊي سي سجاول کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اپگريڊيشن وارو مسئلو حل ڪيو وڃي،  ٻي صورت ۾ سجاول ضلعي جا سوين استاد ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين. ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي اي ڊي سي ٽو حمير قريشي چيو ته استادن جي اسڪرونٽي ناهي ڪئي وئي،  ڊي سي سجاول اڄ استادن کي پنهنجي آفيس تي طلب ڪيو آهي، جتي سندن مسئلو حل ڪيو ويندو.