حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪوٽڙي سائيٽ جي مسلم ٽائون جي راهوسي رجب ٻرڙو پريس ڪلب سامهون پنهنجي ٻن ڀائٽين جي گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج دوران ڪوٽڙي واسي دانهيو ته سندس 2 ڀائٽيا 9 سالن جو مرتضيٰ ۽ 11 سالن جو غلام مصطفيٰ پٽ منظور ٻرڙو 17 ڏينهن اڳ گهر ٻاهران راند ڪندي گم ٿي ويا جن جو اڃا تائين ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي. هن چيو ته 19 مئي تي سندس ڀائٽيا گم ٿيا جنهن جو اطلاع هن لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس کي به ڏنو پر پوليس اڃا تائين سندس ڀائٽين جي ڳولا شروع نه ڪئي آهي. ڪيترن ئي ڏينهن کان ڀائٽيا گم هئڻ سبب سندن گهر ۾ ڪهرام متل آهي. هن ايس ايس پي ڄامشورو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس ڀائيٽن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي ته جيئن معصومن جو ڪٿي ڪو ڏس پتو ملي سگهي.