نواب شاھ (بيورو پورٽ) نواب شاھ جي سينيئر صحافي سيد علي محمد شاھ لڪياري جي پھرين ورسي سندس خاندان پاران ڪورونا سبب سادگي سان مرڪزي امام بارگاھ موھني بازار ۾ ملھائي وئي، ورسي جي موقعي تي علي محمد شاھ جي ڀاءُ ارباب شاھ چيو ته علي محمد شاھ غريبن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاريو، شيعا علما ڪائونسل جي اڳواڻ محمد حسين چانڊيو چيو ته علي محمد شاھ لڪياري بي باڪ بھادر صحافي ھو، علي محمد شاھ لڪياري پنھنجي قلم ذريعي غريب ماڻھن جي مدد ڪئي، جڏهن ته مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، علي محمد شاھ ، شوڪت شاھ، غلام محمد چانڊيو، ڪامريڊ علي جان رند ۽ ٻين چيو ته علي محمد شاھ لڪياري پنھنجي قلم جو ڀرم رکيو. سندن صحافت ۾ ڪيل خدمتن کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگھجي.