باڊھه (ن پ ا) باڊھه ۾ وڌندڙ سماجي براين خلاف شھرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عزيز بروهي، ارشاد ساريو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شھر جي هر گهٽي ۽ هر پاڙي ۾ منشيات جو سرعام وڪرو جاري آھي، جڏهن ته پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان نسل کي بچايو وڃي.