مسوڀرڳڙي (ن پ ا ) مسوڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪيميڪل ۽ پاڻي واري کير جو وڪرو سري عام ٿيڻ لڳو کير وڪرو ٿي رهيو آهي، اهڙو کير وڪرو ڪندڙ ٻھراڙين مان سستي اگھ 60 کان 70 رپيا کير خريد ڪري ان ۾ پاڻي وجهڻ کانپوء صحت لاء هاڃيڪار ڪيميڪل وجهي کير کي گهاٽو ڪن ٿا ۽ پنهنجا من پسند ريٽ مقرر ڪري ٻنهين هٿن سان ڦرڻ لڳا جڏھن ته ڪيميڪل مليل کير واپرائڻ سبب ڪيترائي ماڻھو توڙي معصوم ٻار پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن ان حوالي سان هتان جي رهواسين عليم ھموپوٽو ، گلڻ ڀٽي ۽ عتيق احمد ،سنڌ فوڊ اٿارٽي حيدرآباد ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر حيدراباد کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪيميڪل مليل کير وڪرو ڪندڙ مختلف ڊيرين ۽ دڪانن تي ڇاپا ھڻي ڪارروائي ڪري صحت لاء ھاڃيڪار کير وڪرو ڪندڙ دڪانن کي سيل ڪري ڪيميڪل وارو کير ضايع ڪيو وڃي .