حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو لاٿ کائي 4 لک 92 هزار 417 ڪيوسڪ تي پهتو آهي، بئراج جو هيٺانهون وهڪرو 4 لک 72 هزار 782 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، دادو-مورو پل وٽ پاڻي جي سطح 125.5 فٽن ۽ آمري وٽ پاڻي جي سطح 108.2 فٽن تي پهتي آهي. منڇر ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ سطح 121.9 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 66 هزار 431 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 53 هزار 656 ڪيوسڪ رهيو. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 57 هزار 995 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 55 هزار 495 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪوٽڙي بئراج وٽ لاٿ جي باوجود اڃا تائين مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي.