ممبئي (م ڊ) ڀارت پاڪستان کي ايف-16 جهاز جا پرزا وڪرو ڪرڻ تي آمريڪا اڳيان احتجاج ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي دفاع واري وزير راج ناٿ آمريڪي هم منصب سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪري خدشا ظاهر ڪيا. راج ناٿ موجب دفاع واري آمريڪي وزير لائيڊ آسٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستان کي ايف-16 جهاز جا پرزا وڪرو ڪرڻ واري آمريڪي فيصلي تي ڀارتي خدشا ٻڌايا. ان کان اڳ گذريل هفتي ڀارت جي پرڏيهي وزارت به آمريڪي پرڏيهي نائب سيڪريٽري ڊونلڊ لو سان به پاڪستان کي 45 ڪروڙ ڊالر جو ملٽري پيڪيج ڏيڻ تي احتجاج ڪيو هو. واضح رهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي پاڪستان کي ايف-16 جهازن جي مرمت جي لاءِ سامان ۽ پرزا وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. پينٽاگون جي بيان موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي پنجيتاليهه ڪروڙ ڊالر جي معاهدي جي منظوري ڏني وئي آهي.