ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ خانڻ ٻرڙو ۾ چور محمد پريل ٻرڙو کي يرغمال بڻائي سندس دڪان جا تالا ڪٽي 2 لک ڪيش، سگريٽ، هڪ ٽريڪٽر، موٽرسائيڪل جا اصلي ڪاغذ ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا، پوليس جاءِ واردات تي پهچي دڪاندار ۽ ڳوٺاڻن کان چوري جا تفصيل معلوم ڪيا، ايس ايڇ او ڪوٽڏجي متاثرن کي يقين ڏياريندي چيو ته جلد چورن کي پڪڙي قانوني ڪاروائي ڪري چوري ٿيل پئسا ۽ سامان رڪور ڪرائيندس.