پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ جي شاھپور اسٽاپ وٽ ڊيڪوريشن ۾ ٻڪريون اچڻ تي ڊيڪوريشن مالڪ بلاول لاڙڪ ٻڪرار عبدالقدير دايو تي سخت تشدد جو نشانو بڻائي رتورت ڪري ڇڏيو. معصوم ٻڪرار عبدالقدير دايو گھر وارن کي پھچي دانھن ڏني جڏهن اھڙي واقعي جي پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي بااثر ڊيڪوريشن مالڪ بلاول لاڙڪ خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.