گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ ڳوٺ وڏا لاکا واسڻ شهزادي خاتون مڙس علي بخش لاشاري ۽ سندس سئوٽن اسدالله ۽ منصور لاشاري خلاف پريس ڪلب پهچي حافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته مڙس گھر جو خرچ گھرڻ تان پنهنجي سئوٽن سان گڏجي تشدد ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو، گمبٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي مدد ڪئي وڃي. ان موقعي پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ وڏا لاکا جي رهائشي آهيان. گھر جو خرچ گھريو ته علي بخش لاشاري پنهنجي سوٽن منصور ۽ اسدالله سان گڏجي منهنجي مٿان تشدد ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو آهي ۽ 7هزار روڪ رقم ۽ 25 هزار جو سون به کسي ويا آهن. مڙس ۽ سندس سئوٽن جي ظلم خلاف ٿاڻي تي اين داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪا به ڪروائي ناهي ڪئي.