خيرپور (رپورٽر) سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج خيرپور جي عدالت ڪوٽڏيجي واسڻ مسمات رشيده خاتون جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار امجد علي عرف غلام رضا پٽ وليداد رند مٿان زال جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس عمر قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سخت پوليس پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. ڏنڊ جي رقم مقتولا جي وارثن کي ادا ڪئي ويندي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. جوابدار وٽان هٿ آيل 12 بور جي ديسي پستول واري ڪيس ۾ جوابدار کي 10 سال وڌيڪ قيد ۽ 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار هڪ مهينو وڌيڪ قيد ڪاٽيندو.