مانجهند (ن پ ا) مانجهند ۾ ڪنڌڪوٽ مان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل ماءُ نازيه کوسو ۽ ڌيءَ ڪوثر کوسو جي بازيابيءَ لاء سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي محمد يوسف عمراڻي گلزار ملاح، محرم خاصخيلي شاهزيب عمراڻي ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ماءُ ڌيءَ جي بازيابي لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ وڏي وقت کان اغوا انڊسٽري قائم ٿيل آھي، رڳو ڪچي ۾ رهندڙ ڌاڙيل ماڻهن کي ڀُنگ لاء اغوا نٿا ڪن پر هاڻ بااثرن به ماڻهو اغوا ڪرڻ شروع ڪيا آھن. هنن وزير اعظم پاڪستان، وزير اعلي سنڌ آء جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ڳورهاري نازيه کوسو ۽ سندس ڌيءَ ڪوثر کوسو کي بازياب ڪرائي سنڌ ۾ رياستي رٽ کي چيليئنج ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرائي سنڌ جو امن امان بحال ڪرايو وڃي