وارهه (ن پ ا) وارھ جي ڪڻڪ گدام ۾ ٻوڏ ۽ برسات دوران خراب ٿي ويل 5 هزار ڪڻڪ جي ٻورين کي خوراڪ کاتي جي عملي پاران صاف ڪڻڪ سان ملاوت ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي مليل ڄاڻ موجب خراب ٿيل ڪڻڪ کي سڪائي صاف ڪڻڪ ۾ ملاوت بعد ڪراچي ۽ ٻين شھرن ڏانهن موڪلي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي فوڊ انسپيڪٽر علي رضا بروهي ٻڌايو ته گدام جي خراب ٿي ويل ڪڻڪ کي صاف ڪڻڪ سان نه ملائينداسين پر اها سڪائي رهيا آھيون جڏھن ته صاف ۽ خراب ڪڻڪ کي گڏ ڪيو پيو وڃي جنهن جون تصويرون پڻ وائرل ٿي چڪيون آھن.