ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجيءَ ۾ معمولي ڳالھه تان انڙ ۽ مڱريا ڌرين ۾ جھيڙو، عورتن سميت 12 ڄڻا زخمي. خبر موجب گذريل ڏينهن ڪوٽڏيجيءَ ۾ معمولي ڳالھه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران اسد، شان مڱريو، ناديا، مسمات نورجهان ۽ ٻِي ڌر جي ظفر، عاصم،  شفقت علي، ديدار ۽  ظھير سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان پيرسن نورجھان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪوٽڏيجيءَ کان خيرپور سول اسپتال ريفر ڪيو ويو. زخمي پيرسن عورت جي پٽ اسد مڱرئي ٻڌايو ته انڙ ڌر جي 10 کان وڌيڪ مردن عورتن ھلان ڪري ڏنڊا ۽ سروٽا هڻي اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ معمولي ڳالھه تان ٿيل جهيڙي جو مير شاھنواز ٽالپر وٽ فيصلو رکيل پر بااثر مخالفن ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي ۽ سياسي ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ سبب گهر تي حملو ڪيو. ايس ايچ او ڪوٽڏيجي زخمين کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر به نٿو ڏئي. هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪوٽڏيجي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جا ماڻھو زخمي آھن، انڪوائري بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.