ڪنب (ن پ ا) ڪنب ويجهو اغوا ٿي ويل رٽائرڊ فوجي اھلڪار مريد عباس بڙدي هڪ مهينو گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگھيو، وارثن جو احتجاج. رپورٽ موجب ڪنب لڳ ڳوٺ غلام محمد بڙدي واسي رٽائرڊ فوجي اهلڪار مريد عباس بڙدي هڪ مهينو گذرڻ کان پوءِ به بازياب نه ٿي سگهيو. گذريل ڏينهن مغويءَ جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي  مغويءَ جي ڀاءُ مريد حيدر ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته مريد عباس جي اغوا کي هڪ مهينو گذري ويو. ڌاڙيلن پاران سندس بازيابيءَ لاءِ 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو پيو وڃي. محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون، ايتري رقم ڪٿان آڻيون. ڌاڙيلن پاران ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس قتل ڪرڻ جي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهيون هنن تڪ جي چونڊيل نمائندن، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته مريد عباس بڙديءَ کي  بازياب ڪرايو وڃي.