ٺل (ن پ ا) ٺل ۾  ڀتو نه ڏيڻ تي قتل ٿيل نوجوان قائم الدين سرڪي جي وارثن وٽ ايم پي اي جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو، وارثن شرط رکي ڇڏيا، سڀئي شرط منظور، 11 نومبر تي فيصلي جي تاريخ طع ڪئي وئي، ان ڏس ۾  ٺل جي رهبر چوڪ تي ساڍا ٽي سال اڳ ڀتو نه ڏيڻ تي هٿياربندن هٿان قتل ٿيل  قائم الدين سرڪي جي وارثن وٽ پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي ۽ ٻرڙا برادري جي اڳواڻ بابو عبدالقادر ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ميڙ منٿ قافلو ايس يو پي هائوس ٺل پهتو،  جتي مقتول جي وارثن ڀاءُ امام الدين سرڪي ۽ جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جمال جوش ٻرڙو،سرواڻ سنڌي ۽ ٻين پاران آيل ميڙ منٿ قافلي جي چڱن مڙسن آڏو مختلف شرط رکي ڇڏيا، جنهن کي چڱن مڙسن پاران سڀئي شرط قبول ڪيا، جنهن بعد مقتول جي وارثن ۽ جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن پاران فيصلي تي راضي ٿيا، جنهن بعد متفق راءِ سان 11 نومبر تي ٺل جي ايس يو پي هائوس ۾ فيصلو ڪرڻ جي تاريخ رکي ڇڏي، ان حوالي سان   مقتول نوجوان  جي ڀاءُ امام الدين سرڪي ٻڌايو ته آيل ميڙ منٿ قافلي جي چڱن مڙسن کي مان ڏيندي راڄوڻي فيصلو ڪرڻ تي راضي ٿيا آهيون ۽ چڱن مڙسن آڏو اسان مختلف شرط رکيا، جنهن ۾ جوابدار ڌر پاران فيصلي بعد شهر جي ڪنهن به شهري کي ڪوبه نقصان نه پهچائيندا ۽ نه وري ڪنهن کان ڀتو وصول ڪندا، ڏنڊ جي رقم به مقرر تاريخ تي ڏيندا،قتل ڪندڙ ٻين سڀئي جوابدارن جا نالا ٻڌايا ويندا سميت ٻين شرطن تي هو راضي ٿيا، جنهن بعد اسان فيصلي تي راضي ٿياسون.فيصلو 11 نومبر تي ٺل ۾ ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو ڪندو.