ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) صحت کاتي پاران احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪوز ۽ ليڊر هيلٿ ورڪرن خلاف ڪارروايون شروع، ليڊي هيلٿ ورڪرز  جي اڳواڻ بشريٰ  آرائين کي معطل  ڪري ڊي جي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، گرينڊ هيلٿ الائنس پاران احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪوز ۽ ليڊي ورڪرن خلاف ڪاروايون شروع ڪيون ويون آهن، ڪالهه سيڪريٽري صحت ٺُل ۾ مقرر  ليڊي هيلٿ ورڪرز جي مرڪزي  اڳواڻ بشريٰ آرائين کي معطل ڪري ڊي جي صحت جي آفيس حيدرآباد ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اهڙي فيصلي  خلاف  احتجاج  ڪيو ويندو