ٽنڊوباگو(ن پ ا)ٽنڊوباگو لڳ وڇونئن جي خريداري تان ٿيل جھيڙي وارو واقعو ڳجهارت بڻجي ويو آهي. کڏھرو روڊ تي ماڻڪ واھ وٽ آچر واري شام جو جمالي برادري جي ماڻهن ۽ ڪراچي سان تعلق رکندڙ نامعلوم ماڻهن وچ ۾ وڇونئن (ڀَٽُون) جي لکين رپين جي خريداري تان ٿيل جھيڙو ٿي پيو ھو، بنھي ڌرين جي ٿيل فائرنگ ۾ جمالي برادري جا ٻه ڄڻا ڀانڊو جمالي ۽ مھر علي جمالي زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪرڻ کانپوء  حيدرآباد جي سول اسپتال نيو ويو، جڏهن ته ڪراچي جي رھواسين جا به ٻه ڄڻا زخمي ٿيا جن کي ھو گاڏي ۾ کڻي فرار ٿي ويا. جن کي ذريعن موجب پوليس جي وڏي نفري پاران ناڪابندي ڪري تحويل ۾ ورتو آهي پر پوليس انهن جي گرفتاري بابت ڪجھ به نٿي ٻڌائي. ھوڏانھن  اھو پڻ معلوم ٿيو آهي ته جمالي برادري جا زخمي ٿيل ٻه ڄڻا حيدرآباد جي اسپتال مان فرار ٿي ويا آهن. جڏهن ته ٻنهي ڌرين پاران اڃان تائين ٽنڊوباگو ٿاڻي تي ڪابه رپورٽ درج نه ڪرائي وئي آهي. جڏهن ته گزريل ٽن سالن کان ٽنڊوباگو جي آس پاس ڀٽون جي وڪري جو ڪاروبار ھلندڙ  آهي. جتي جنهن وزن جو ڀٽون چئي وڪرو ڪيا ٿا وڃن ٿا انهيَ وزن جا ڀٽون خريدارن کي نٿا ملن. جنهن ڪري اڳ به ڀٽون خريد ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو ٺڳجي چڪا آهن.