لاهور (شوبز نيوز) ناليواري اداڪار ۽ راڳي فرحان سعيد چيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي پاڪستاني مداحن جو پنهنجي لاءِ پيار ڏسي چريو ٿي ويندو. فرحان اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ” ٽچ بٽن “ جي مشهوريءَ لاءِ مهم ۾ مصروف آهي، ان حوالي سان هڪ ويب شو ۾ ڳالهائيندي اداڪار پاڪ ڀارت ميچن ۽ ڀارت جي پاڪستان اچڻ تي خيالن جو اظهار ڪيو . هن چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان ضرور اچڻ کپي، اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته ڀارتي بورڊ پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪيو هجي، ائين پهريان به ٿيندو رهيو آهي، ڪرڪيٽ مداح طور ڀارت جي ان بيان تي مان ڏکارو آهيان. فرحان سعيد چيو ته مون کي ان ڳالهه تي ان ڪري ڪاوڙ ايندي آهي جو مان ڀارت وڃي چڪو آهيان، دهلي ۾ منهنجا ڪيئي سٺا دوست آهن جن وٽ ترسندو هئس، جڏهن منهنجي ذهن ۾ اهو ايندو آهي ته هاڻ ان جهيڙي سبب اسان ملي نه سگهنداسين ته ڏک ٿيندو اٿم. هن چيو ته ڀارت پاڪستان اچي ۽ ويرات ڪوهلي پاڪستان ۾ پنهنجي مداحن جو پيار ڏسي ته چريو ٿي ويندو.