دبئي(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارا مايا علي کي عالمي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. مايا علي کي عالمي عرب فيسٽيول ايوارڊز DIAFA طرفان پاڪستان جي بهترين اداڪاره جي خاص ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. ڊسٽنڪٽو انٽرنيشنل عرب فيسٽيول ايوارڊز DIAFA پنهنجي انسٽاگرام هينڊل تي مايا علي کي ٽيڪ ڪندي هن جي نامزدگي جو اعلان ڪيو.