ڪوهاٽ ( م ڊ) ڪوهاٽ ۾ پوليس ٿاڻي تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ 4/ اهلڪارن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڪوهاٽ ۾ پوليس اسٽيشن تي دستي بم حملي ۾ 4 اهلڪارن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب دستي بم جو حملو ٿاڻي بلي ٽنگ تي ڪيو ويو جنهن ۾ 4 اهلڪارن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿيا. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٿاڻي تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جي ڳولاءِ لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ضلعي خيبر جي علائقي گودر ۾ به ايف سي چيڪ پوسٽ تي اڻڄاتل ماڻهن پاران فائرنگ ڪئي وئي. پوليس موجب فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ اهلڪار مارجي ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس جو ٻڌائڻ آهي ته ايف سي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ جو واقعو رات جو پيش آيو، جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.